تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي نئين عمارت

تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي نئين عمارت

تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پراڻي عمارت

تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پراڻي عمارت

تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد

تپيدارس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد: سنڌ ۾ تپيدارن جي تربيت جو هي واحد ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي راڻي باغ جي ڀرسان قائم آهي. پهريان هي هڪ اسڪول هو، جيڪو 1881ع ۾ قائم ٿيو هو. هن اداري جي عمارت جو ٻيو حصو 1905ع ۾ تعمير ٿيو. ون يونٽ جي دور ۾ ڪمشنر ۽ صحت کاتي وغيره جون آفيسون هن عمارت ۾ قائم ڪيون ويون جنهنڪري تپيدار اسڪول کي وسرام پوري عمارت گدو (حسين آباد) ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هي اسڪول ٻه سال هليو. ان کان پوءِ هن اسڪول کي حيدرآباد مان پٿوري (ميرپورخاص) منتقل ڪيو ويو، جتي اٺن ڏهن سالن تائين تپيداري اسڪول طور هلندو رهيو، ان کانپوءِ ٻيهر هي اسڪول واپس حيدرآباد آندو ويو ۽ وحدت ڪالوني ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جي عمارت ۾ (جتي اڄڪلهه رينجرس جي آفيس آهي) شروع ڪيو ويو 1980ع ۾ هن اسڪول جي راڻي باغ ڀرسان قائم پراڻي عمارت جي لڳو لڳ نئين عمارت تعمير ڪئي وئي ۽ هي اسڪول 1982ع ۾ ان نئين عمارت ۾ شروع ڪيو ويو.
1996ع ۾ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت واري دور ۾ هن اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. تپيدارس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال سپروائيزنگ تپيدار کي مقرر ڪيو ويندو آهي. 1882ع ۾ اسڪول واري زماني کان هن وقت تائين هن ڪاليج ۾ 34 پرنسپال پنهنجون ذميواريون نڀائي چڪا آهن، ڪجهه عرصو اڳ پانڌي خان ملاح هن ڪاليج جو پرنسپال هو. موجوده پرنسپال بشير احمد عباسي آهي.
شروع ۾ تپيدارن جي چونڊ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر، اميدوارن کان امتحان وٺي ڪندا هئا، پر هاڻي بورڊ آف روينيو اهي مقرريون ڪري ٿو ۽ ڪامياب اميدوارن کي ٽريننگ لاءِ هن ڪاليج ۾ موڪليو ويندو آهي.
تپيداري ڪاليج ۾ هن وقت پرنسپال سميت ڪل 7 ملازم مقرر ٿيل آهن ۽ تربيت دوران ماهر ٽرينر ٻين ادارن مان گهرايا ويندا آهن، پوري سنڌ ۾ تپيدارن جي تربيت جو هي اڪيلو ادارو آهي جيڪو هڪ ننڍي عمارت تائين محدود آهي هي ڪاليج پهرين 11 ايڪڙن تي قائم هو، جنهن ۾ نه رڳو هن جون ٻه وڏيون عمارتون هيون، پر هڪ عاليشان قسم جي هاسٽل به هئي، جنهن ۾ ٽريننگ لاءِ ايندڙن کي رهائش ڏني ويندي هئي پر هينئر انهن عمارتن جي حالت زبون آهي ۽ انهن عمارتن ۾ مختلف کاتن جون آفيسون قائم ٿيل آهن ۽ ڪاليج صرف زمين جي ڪجهه ويسوَن تي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو